ڀَڃَ ڀاڄ

ڀَڃَ/ ڀاڄ: ڪنھن شيءِ جي ڀڃڻ جي حالت، نوڙيءَ کي وٽ ڏيڻ کي ”ڀڃ“ چئبو آهي.
رياضيءَ ۾ ھڪ انگ کي ٻئي انگ سان ضرب ڪرڻ جو عمل کي به ”ڀڃ“ ڪوٺبو آهي. ”ڀڃ اُپت“ رياضيءَ جو اصطلاح آهي. پراڻي ٻوليءَ جي پڙھڻيءَ Decipherment کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي اصطلاح موجب ”ڀاڃ“ سڏيو آھي. مشهور اديب عطا محمد ڀنڀري جو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي ڀاڃ“ ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو